چاچڙ حاجي خان ڄاموٽ

چاچڙ حاجي خان ڄاموٽ

چاچڙ حاجي خان ڄاموٽ

چاچڙ، خان '>حاجي خانڄاموٽ‘: اديب ۽ محقق ڄاموٽ حاجي خان ولد حاجي محمد عثمان چاچڙ، 1964ع ڌاري ڳوٺ کاهي، تعلقي ڪشمور ۾ پيدا ٿيو. ايم.اي (سنڌي ادب) ۽ ايم. اي صحافت آهي. هاري ۽ قومي اڳواڻ: ’الهه بچائي مرڻاس جون صحافتي خدمتون‘ عنوان هيٺ ايم. اي مونو گراف لکيائين، ڄاموٽ حاجي خان ننڍپڻ کان تاريخ سان دلچسپي رکي ٿو. هن جا مختلف اخبارن ۽ مخزنن ۾ تحقيقي مضمون شايع ٿيندا رهيا آهن. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا لاءِ مقرر ضلعي ٽيم ميمبر طور مواد موڪليندو رهي ٿو. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’الهه بچائي مرڻاس جون صحافتي خدمتون‘ (1994ع)، (2) ’حضرت سنڌرحه‘ (2006ع) شامل آهن انهيءَ ڪتاب جو اردو ترجمو پڻ 2008ع ۾ ڇپيو. هي هن وقت سيشن ڪورٽ، ڪنڌڪوٽ ۾ ملازمت ڪري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو